سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو

سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو

سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو

سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نوجوان ليکڪ ۽ محقق علي نواز آريسر جو لکيل ادبي تاريخ جو حصوآهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند جي 137 ليکڪائن ۽ جو علمي، ادبي ۽ شخصي اڀياس ڪيو ويو آهي. موضوع جي لحاظ کان هي منفرد نوعيت جو ڪتاب آهي ۽ سنڌي ادب ۾ عورتن تي هن قسم جو ڪم پهريون ڀيرو سامهون آيو آهي. هن ادبي تاريخ جي ترتيب الف- ب وار رکي وئي آهي. ڪتاب جو مهاڳ سنڌ ۽ هند جي ناليواري ليکڪا وينا شرنگيءَ لکيو آهي ۽ ڪتاب جو بئڪ ٽائٽل نامور اسڪالر ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ 100 ليکڪائن جون رنگين تصويرون پڻ ڏنل آهن. هن ڪتاب ۾ نثر، نظم توڙي تحقيق سان وابسته تقريبن سڀني ليکڪائن کي شامل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيتريون اهڙيون به ليکڪائون آهن، جيڪي گمناميءَ ۾ وفات ڪري ويون ۽ انهن جي علمي، ادبي ڪم ڪڏهن سامهون نه آندو ويو، انهن تي تحقيق ڪري انهن جو تعارف ۽ سندن لکڻيون هن ڪتاب ۾ ڏنيون ويون آهن. ڪتاب جو تفصيلي مقدمو ليکڪ پاڻ لکيو آهي، جنهن ۾ هن دور وار سنڌ توڙي هند جي ليکڪائن جي ادبي پورهيي جي ڪَٿَ ڪئي آهي. هي ڪتاب سنڌي ادب جي شاگردن ۽ سنڌي ادب سان چاهه رکندڙ اسڪالرن لاءِ لاڀائتو آهي. 512 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 600 رoپيا آهي، جنهن کي سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، جنوري 2016ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


لفظ سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو